شو مندر لڪي شاهه

شو مندر لڪي شاهه: سيوهڻ تعلقي جي مشهور شهر لڪي شاهه صدر جو اصل نالو ورهاڱي کان اڳ ۾ ڌارا تيرٿ لڪي هو. اهو نالو پوڻ جو سبب لڪيءَ جي جبلن ۾ اولهندي پاسي، جبلن جي وچ ۾ پاڻيءَ جا وهندڙ چشما آهن. جتي اڃا تائين هندن جي شو ديوتا جو مندر ڦٽل حالت ۾ موجود آهي. لڪي تيرٿ ۾ ‘شِو جو ميلو’ سنڌ جي هندو جاتيءَ جي تهوارن ۾ هڪ وڏو ۽ اهم تهوار هو. اتي اڄ به هندو ياترين ۽ شيواڌارين پاران وڏي جوش سان شوراتڙيءَ جو ڏڻ ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ ملڪ جا سوين هندو مرد ۽ زالون شريڪ ٿينديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو